SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


محاذ- مُهاڙ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


محاذ- مُهاڙ

Front

فرنٽ

بين الاقوامي تعلقات ۾ هي اصطلاح مُختلف معنائن ۾ ورتو وڃي ٿو، جن مان ڪُجهه اهم معنائون هتي ڏجن ٿيون: 1. جنگ جي منظرنامي ۾ ٻن تڪراري ڌُرين وچ ۾ موجود پٽيءَ تي مُهڙ ۾ موجود فوجن جي پوزيشن 2. سياسي تحريڪن منجهان اهڙيون تنظيمون، جيڪي ڪنهن خاص مقصد جي حاصلات (ڪنهن مخصوص حُڪومت جي خاتمي)، لاءِ هڪٻئي سان تعاون ڪندي، گڏيل محاذ قائم ڪن. جيئن زمبابوي ۾ ”پيٽرياٽڪ فرنٽ“ ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ ”يونائٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ“ نالي محاذ عمل ۾ آيا ۽ اُنهن ملڪن آزاديون ماڻيون 3. ڪو به اهڙو گروهه، جيڪو ڄاڻي واڻي قائم ڪيو ويو هُجي ۽ اُن کي اصل ۾ ڪنهن لڪل مقصد يا اداري جي مُفادن لاءِ استعمال ڪجي. سندس قائم ڪندڙ جي رٿابنديءَ ۾ اهڙي گروهه جي اهميت، اصل منزل تائين پهچڻ لاءِ هڪ ابتدائي ڏاڪي واري هُجي ٿي. ”محاذ“ بابت اهو تصور سوويت يونين جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ وڏي اهميت رکندو هُئو. خاص طور انقلاب جي مُنڍ ۾ سوويت مُدبر ”ليئون ٽراٽسڪي“ هن سلسلي ۾ تمام گهڻي مهارت ڏيکاري


Remember Me Also:

اجاڙ ڪرڻ

برباد ڪرڻ ، ويران ڪرڻ ، سُڃ ڪرڻ ، ڀِينگ ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal